راج 2

راج : سنڌ ۾ برهمڻ دور حڪومت (712- 632ع) ۾ راجا رام مختصر وقت لاءِ حڪومت ڪئي هئي. راجا چچ کان پوءِ سندس مربي ڀاءُ چندر سنڌ جي حڪومت جون واڳون سنڀاليون. سندس حڪومت جو سونهري دور فقط ستن سالن (668- 661ع) تائين هليو، جنهن بعد سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. اروڙ جي رياست ۾ چچ جي پٽ راجا ڏاهر بادشاهي قائم ڪئي، جڏهن ته ٻئي حصي ’برهمڻ آباد‘ ۾ راج پٽ چندر بادشاهيءَ جو بنياد وڌو، جيڪو گهڻو عرصو زندهه نه رهي سگهيو ۽ سال بعد گذاري ويو. جنهن بعد برهمڻ آباد تي راجا ڏاهر جي ڀاءُ راجا ڏهرسينه حڪومت ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو